SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


System Theory

(click word to listen sound
  • 🔊
  • sistəm
  • θiəriː
  • )

From the Dictionary of International Relations:

System Theory

سِسٽم ٿيئري

سِسٽم ٿيئري

سِسٽم يا جنرل سِسٽم جي نظريي مطابق دنيا ۾ موجود هر سرشتي ۾ ڪي نه ڪي هڪ –جهڙايون ۽ ڳانڍاپا موجودآهن. ٻين لفظن ۾ چئجي ته ڪو به سرشتو پنهنجي اندر موجود مختلف ايڪن يا حصن جي وچ ۾ رابطي ۽ اتحاد جو هڪ ذريعو آهي . جديد دور ۾ بين الاقوامي تعلقات جي علم جو اڀياس ’سِرشتي جي ڇيد‘ واري تصور هيٺ بيٺل آهي. هن نظريي جا وڪيل چون ٿا ته بين الاقوامي تعلقات جو سائنسي طرز جو مطالعولاڳاپيل مواد کي فقط ترتيبي انداز۾ سمجهڻ يعني ڪنهن به سياسي سرشتي جي مختلف پرتن جي عمل جو جائزو ان عمل ۾ حصيدار مختلف ايڪن جي ڪارڪردگيءَ مان ئي ڪري سگهجي ٿو. ان جو مثال ڏيندي هن فڪري رويي جي ماهرن جو خيال آهي ته بين الاقوامي تعلقات جي اندر به هڪ سرشتو موجود آهي، جيڪو رياست/قوم جي روپ ۾ هڪ ايڪي/حصي طور سرگرمي ڪندي پاڻ کي ’وڏي ڪُل‘ يعني بين الاقوامي ماحول سان مستقل طور ڳنڍي ٿو. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته ڪو به سرشتو پنهنجو جُدا وجود هوندي به ڪنهن نه ڪنهن وڏي ۽ عظيم سرشتي جي ماتحت (Sub System) آهي. موجوده بين الاقوامي نظام دراصل يورپي رياستي سرشتي مان نِسريو آهي. جيتوڻيڪ ان کان پهرين به رياستون موجود هُيون، پر اهي ملڪي سرحدن جي اندر قيد هيون ۽ ڪنهن عالمي سرشتي جو وجود پڌرو نه هئو. ’سِسٽم ٿيئري‘ کي سمجهڻ لاءِ هيٺين نُڪتن کي بنيادي اهميت حاصل آهي.
·    عالمي سطح تي مڃتا رکندڙ ڌرين جي موجودگي ، جيڪي ڪن ضابطن هيٺ هڪ- ٻئي سان لاڳاپا رکنديون هُجن.
·    هڪ موثر ضابطو جنهن کي سمجهڻ لاءِ مختلف رياستن جي رويي ۽ لهه- وچڙ جي انداز کي پرکيو وڃي .
·    بين الاقوامي تعلقات جي اڀياس لاءِ خاص قسم جي طريقن/لاڙن (Methods /Approaches) جو استعمال.
هن نظريي کي1955ع ۾ نامياري آمريڪي عالم ’مِڪڪليلئنڊ‘(McClelland) متعارف ڪرايو، پراصل مڃتا آمريڪا جي ئي جڳ مشهور سماجي سائنسدان ’مارٽن ڪَپلان‘ کي مليل آهي. ان جو چوڻ هو ته سياست کي سائنسي بنيادن تي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته ان کي ’سِسٽم ٿيئري‘ جي ڏنل طريقن/ سرشتن جي پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي.


Remember Me Also:

ٻيجلو

ذ. سوناري کي زيورن ٺاهڻ لاءِ ڏنل سون مان ڪپيل ذرو جو پاڻ وٽ پرک لاءِ رکجي ته متان سونارو ساڳيو سون ڪم نه آڻي. جِنس سون وغيره جي ، بانگي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal